بوبنا جراڙ

بُوبنا- جراڙ: سنڌ جو مشهور رومانوي داستان، جنهن جا ٽاڻا هن طرح آهن: ڄام جراڙ، سمون هو ۽ آڳاٽي وقت ۾ سنڌ جي ڪنهن حصي تي حڪومت ڪندو هو. بوبنا به بادشاهي گهراڻي جي خوبصورت شهزادي هئي. هڪ روايت موجب بوبنا مارک ڏاهريءَ جي ڌيءَ هئي، جيڪو پاڻ ڪنهن علائقي جو حاڪم هو. جراڙ به بوبنا جي سونهن جي تعريف ٻڌي، بوبنا جي شهر ۾ پهتو. اُتي هڪڙي ڪوريءَ سان سندس ملاقات ٿي. ان کان پڇيائين ته ”دنيا ۾ ڪي سهڻا سُجهنئي؟“ ڪوريءَ جواب ڏنو ته ”دنيا ۾ اڍائي سهڻا آهن: هڪ سهڻو جراڙ، ٻي سامهون ماڙيءَ واري بوبنا، باقي اڌ سهڻو آءُ به آهيان، جو بوبنا کي هڪ ڀيرو ڏٺم ته اڃا خمار چڙهيل اٿم.“ جڏهن بوبنا، جراڙ کي پنهنجي باغ ۾ ڏٺو ته سندس عشق ۾ گرفتار ٿي وئي. ڪورياڻيءَ جي مدد سان بوبنا ۽ جراڙ روزانو باغ ۾ ملاقات ڪري عشق جي رهاڻ ڪندا هئا. بوبنا ۽ جراڙ جون قبرون مڪليءَ تي شاهه مراد واري مقام ۾ مڪاني طور مشهور آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو